علم الادويه لطيفي جلد ٻيو

علم الادويه لطيفي جلد ٻيو

علم الادويه لطيفي  جلد ٽيون

علم الادويه لطيفي جلد ٽيون

علم الادويه لطيفي

علم الادويه لطيفي (ڪتاب): هي ڪتاب طب جي ماهر حڪيم محمد يوسف کتريءَ جو طب جي موضوع تي لکيل آهي. هي ڪتاب چئن جلدن تي مشتمل آهي. چئني جلدن ۾ الف ب وار ترتيب سان ٻوٽين، گاهن، جيتن ۽ ٻين شين جو تفصيلي ذڪر شامل آهي، جيڪي طب ۾ دوائون ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ آهن. انهن شين جي سڃاڻپ جي صورت، دوائڻ ٺاهڻ جو طريقو ۽ انهن جا فائدا بيان ڪيل آهن. ڪتاب جي چئني جلدن جا ‘پيش لفظ’ ليکڪ پاڻ لکيا آهن.
ڪتاب جو جلد پهريون الف کان ڀ اکرن بابت معلومات تي مشتمل آهي. ڊيمي سائيز جي 288 صفحن وارو هي ڀاڱو جنوري 2004ع ۾ لطيفي طبي اڪيڊمي ٽنڊي محمد خان پاران ڇپجي پڌرو ٿيو.
ڪتاب جو ٻيو جلد ت کان ز وارن اکرن بابت معلومات تي مشتمل آهي. هي جلد ڊيمي سائيز جي 322 صفحن تي مشتمل آهي. هي جلد لطيفي طبي اڪيڊمي ٽنڊي محمد خان پاران جنوري 2006ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
ڪتاب جو ٽيون جلد س اکر سان نالا رکندڙ ٻوٽين ۽ طبي استعمال ۾ ايندڙ شين جي سڃاڻپ، فائدا ۽ انهن جي جديد سائنسي انداز ۾ معلومات ڏنل آهي. هي جلد پڻ لطيفي طبي اڪيڊمي ٽنڊي محمد خان پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. ڊيمي سائيز جي 192 صفحن تي مشتمل هن جلد جي قيمت 150 روپيا آهي.
ڪتاب جو چوٿون جلد س ۽ ش اکرن تي مشتمل ٻوٽن، گاهن ۽ ٻين شين جي معلومات تي مشتمل آهي. ڊيمي سائيز جي 239 صفحن تي مشتمل هي جلد پڻ لطيفي طبي اڪيڊمي ٽنڊي محمد خان پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. هنن چئن ئي جلدن ۾ ٻوٽين جا نالا انگريزي، هندي ۽ ٻين ٻولين ۾ لکيا ويا آهن ته جيئن انهن جڙي ٻوٽين بابت تحقيق ۾ سولائي ٿئي. طب جي دنيا ۾ هي ڪتاب تمام اهميت وارو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو